سيوهڻ تعلقي ۾ ٽڪيٽن جي ورڇ تي پ پ ۾ اختلاف برقرار آهن.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي ڪوششن باوجود ڪجهه يونين ڪائونسلن تي اميدوارن جو فيصلو نه ٿي سگهيو ۽ اميدوارن هڪٻئي جي حق ۾ هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
يوسي بوبڪ، جعفر آباد ۽ آمري تي پ پ اميدوار آمهون سامهون ٿي ويا. وڏي وزير سيد مراد شاه پنهنجي تڪ ۾ ٻن ڏينهن جي دوري تي اباڻي ڳوٺ واھڙ پھتو جتي يوسي ٻنڀا ۽ سيوھڻ ۾باجاري ھائوس تي تعلقي سيوھڻ جي سمورين يونين ڪائونسلن جي مڪاني چونڊن جي حوالي سان اميدوارن سان گڏجاڻيون ڪيون ۽ پارٽي ٽڪيٽن جي ورهاست بابت پڻ صلاح مشورا ڪيا. وڏي وزير ٻه ڏينهن سيوھڻ ۾گذارڻ باوجود اميدوارن جو حتمي فيصلو نه ٿي سگھيو، يونين ڪائونسل بوبڪ، جعفرآباد ۽ يونين ڪائونسل آمري تي پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ اميدوار ھڪ ٻئي جي سامھون سندرا ٻڌي بيھي رھيا آھن وڏي وزير جي ڪوشش باوجود ڪنهن به ڪنهن جي حق ۾ھٿ نه کنيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ضلعي صدر سيد آصف علي شاهه بيٺل اميدوارن کي چيو ته هو وڃن ٻن ڏينهن بعد کين فيصلو ٻڌايو ويندو ته پيپلزپارٽي جو ڪھڙو اميدوار ھوندو.