نيپرا عوام مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي بم ڪيرائي ڇڏيو، بجلي جي قيمت 3 روپيا 99 پئسا مهانگي ڪري ڇڏي، اگهن ۾ واڌ ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيولٽر اٿارٽي اپريل جي ماهوار فيول چارچز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 3 رپيا 99 پيسا في يونٽ جي اضافي منظوري ڏئي ڇڏي. سينٽرل پاور پرچيز ايجنسي سي پي پي اي 4 روپيا 5 پئسا في يونٽ اضافدي جي درخواست ڪئي هئي. نيپرا موجب اٿارٽي 31 مئي 2022 تي ايف سي اي تي عوامي ٻڌڻي ڪئي هئي، ان کان اڳ ايف سي اي صارفين کان 2 روپيا 86 پئسا چارج ڪيا هئا جيڪي صرف هڪ مهيني لاءِ هئا. نيپرا وڌيڪ چيو ته اپريل جو ايف سي اي مارچ جي ڀيٽ هڪ روپئو 13 پئسا جون ۾ وڌيڪ چارج ڪيا ويندا جيڪو صرف جون مهيني جي بلن ۾ هوندو ۽ اهو ڊسڪوز جي سمورن ماسوائي لائف لائن صارفين تي هوندو. نيپرا جو چوڻ آهي ته اپريل مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ واڌ ڪئي وئي، اگهن ۾ واڌ ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي.