تلهار ۾ شادي شده عورت ڳچي ۾ رسو ٻڌي مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو. وارڊ نمبر ست ڳوٺ ميان پوٽا ۾ 20 ورهين جي لالي زال شوڀو ڪولهي گهر اندر مبينا طور رسو ٻڌي پنهنجي زندگي جو انت آندو. ناري جي مڙس شوڀو ڪولهي موجب ناري جو چاچو ٻه 2 ڏينهن پهرين لاڏاڻو ڪري ويو جنهن جو اطلاع کين ٻئي ڏينهن ڏنو ويو جنهن تان سندس گهر واري پنهنجي مائٽن کان ڪاوڙجي آپگهات ڪيو. آپگهات واقعي جو اطلاع تلهار ٿاڻي تي ڏنو ويو پر اڃان تائين پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي آهي.