پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آھي ته قومي سلامتي ڪميٽي ۾ واضح ۽ تفصيلي طور تي ٻڌايو ويو ته اڳوڻي حڪومت خلاف ڪنهن به قسم جي سازش نه ٿي هئي. خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ چيئرمين جوائنٽ چيف اسٽاف ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن جي موجودگي ۾ ايجنسين بريف ڪيو ته سازش جا ڪي ثبوت ناهن مليا، هنن سڀ ڪجهه تفصيلي طور ڏٺو آهي، مداخلت سفارتي لفظ آهي، ان لاءِ سفارتي طور تي ئي ايڪشن ورتو ويو. ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته بجيٽ ۾ هميشه دفاعي بجيٽ تي بحث شروع ٿي ويندو آهي، بجيٽ ۾ محدود وسيلن کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي. هن چيو ته پاڪ فوج جي قيادت کي پروپگنڊا ڪري نشانو بڻايو پيو وڃي، پاڪ فوج خلاف هٿ ٺوڪيا افواهه پکيڙيا پيا وڃن، ڪوڙ جو سهارو وٺي حقيقت کي ختم نٿو ڪري سگهجي. سندس چوڻ هو ته ڪوڙ جو سهارو وٺي ادارن کي تنقيد جو نشانو بڻاڻ جو ڪنهن کي حق ناهي، پنهنجي راءِ ڏيڻ جو سڀني کي حق آهي. بجيٽ بابت سوال تي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڀارت هميشه دفاعي بجيٽ کي وڌائيندو آهي، 2020 کان پاڪستاني فوج پنهنجي بجيٽ ۾ ڪو اضافو ناهي ڪيو. هن چيو ته پرويز مشرف جي طبيعت انتهائي خراب آهي، سندس ڏيهه واپسي جو فيصلو سندس خاندان کي ڪرڻو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته سي پيڪ جي سڪيورٽي ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي اچڻ ڏني، سي پيڪ جي سڪيورٽي پاڪ فوج کي ڏني وئي آهي. هن چيو ته پاڪ-چين لاڳاپا اهميت رکن ٿا ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳا خطي جي امن لاءِ اهم آهن.
جيڪي حڪمران مٿن مڙهيل آهن اهي 30 ورهين کان چوري ڪري رهيا آهن: عمران خان
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مڃيل ڪرپٽ ماڻهو مٿن مڙهيا ويا آهن. اسلام آباد ۾...