ماتلي ڀرسان ڪار جي ٽڪر ۾ اڻڄاتل پيرسن فوت ٿي ويو جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو. ماتلي-حيدرآباد روڊ تي ڄمون باغ وٽ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ 50 ورهين شخص فوت ٿي ويو. علائقي واسين حادثي جو اطلاع پوليس کي ڏنو جنهن پنهنجي پهچي مڙهه تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگھي جڏهن ته حادثو ڪندڙ ڪار سوار گاڏي سميت فرار ٿي ويو آهي.
فريد آباد واسي پشاور ۾ دوست جي اوطاق تي مبينا آپگهات
فريد آباد واسي پشاور ۾ دوست جي اوطاق تي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، اسلام ڪوٽ ۾ ناريءَ کوهه ۾ ٽپو...