پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري تهران ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيساني سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب، پرڏيهي وزير ايراني صدر کي وزيراعظم شهباز شريف جو پيغام پهچايو ۽ پاڪستاني دوري جي دعوت ڏني. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو ايران سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي ۽ توانائي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته علائقائي رابطا، بارٽر ٽريڊ کي فعال ڪرڻ لاءِ رابطن جو تسلسل اهم آهي. ملاقات دوران پرڏيهي وزير ايراني جيلن ۾ قيد پاڪستانين جي آزادي جو معاملو به اٿاريو. ايراني صدر چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا تاريخي ۽ مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ايران پاڪستان سان پنهنجي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو.
جيڪي حڪمران مٿن مڙهيل آهن اهي 30 ورهين کان چوري ڪري رهيا آهن: عمران خان
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مڃيل ڪرپٽ ماڻهو مٿن مڙهيا ويا آهن. اسلام آباد ۾...