ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته گذريل حڪومت رڪارڊ قرض ورتا، بجلي جون قيمتون گذريل سال کان وڌايون ويون، نوٽيفڪيشن هاڻي آيو آهي. اسلام آباد ۾ نيشنل بجيٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته گذريل حڪومت رڪارڊ قرض ورتا، هلندڙ سال ترقياتي بجيٽ 550 ارب رپيا آهي، ايندڙ سال لاءِ ترقياتي بجيٽ 8 سئو ارب رکيا آهن، گيس جي شعبي جو گردشي قرض 15 سئو ارب تائين وڌي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته هن بجيٽ کي وڌيڪ ساراهيو ويو آهي، بجيٽ ۾ سموريون شيون مجبوري ۾ ڪرڻيون پون ٿيون، پاڪستان جي سمورن وزيراعظمن جيترو قرض ورتو ان جو 80 سيڪڙو عمران خان ورتو، جڏهن هن اها ڳالهه ڪئي ته شوڪت ترين چيو 80 سيڪڙو نه پر 76 سيڪڙو ورتو آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته 11 سئو ارب رپيا هن سال پاور سبسڊي لاءِ ڏنا ويا آهن، نيپرا جو سسٽم ڪافي پيچيده آهي، هڪ سمجهڻ ۾ لڳو آهي ته بلنگ جو سسٽم ڪيئن پيو ڪم ڪري، پاور سيڪٽر کي نه سڌاريو ويو ته ملڪي معيشيت ٻڏي ويندي.
جيڪي حڪمران مٿن مڙهيل آهن اهي 30 ورهين کان چوري ڪري رهيا آهن: عمران خان
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مڃيل ڪرپٽ ماڻهو مٿن مڙهيا ويا آهن. اسلام آباد ۾...