وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت وٽ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ اضافي کانسواءِ ڪو به رستو ناهي، قوم جي ڏکيائين جا ذميوار پاڻ کي معصوم ڪيئن ٿا ظاهر ڪري سگهن. وزير اعظم شهباز شريف سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ جاري ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ ۽ آءِ ايم ايف ۾ معاهدي بابت جلد قوم کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. سندس چوڻ هو ته هو تيل جي اگهن ۾ واڌ جي اثرن کان هو چڱيءَ ريت واقف آهن پر آءِ ايم ايف سان ٺاهه سبب قيمتون وڌائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ٺاهه پي ٽي آءِ حڪومت ڪيو هو ۽ پي ٽي آءِ جي آءِ ايم ايف کان ان ڊيل جي تفصيل تي قوم کي جلد اعتماد ۾ وٺندو. شهباز شريف چيو ته انشاءَ الله هو انهن معاشي ڏکيائن مان نڪري ويندا.