سنڌ ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ نوجوان ۽ ناري سميت ٽن ڄڻن مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو. بدين جي ويجهو ڳوٺ بيگ پور ۾ شادي شده نوجوان سيد اڪبر شاهه جو ڳوٺ ٻاهران لاش ٽنگيل حالت ۾ مليو. اطلاع تي تلهار پوليس واقعي واري هنڌ ڏينهن رواني ٿي وئي. ڪلوئي جي ڳوٺ ڪوٽ ارباب مير محمد ۾ لڇمي زال ڇگن ڀيل مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو شادي شده 30 ورهين جي لڇمي زال ڇگن ڀيل گهر جي ڀرسان وڻ ۾ رسو ٻڌي آپگهات ڪري ڇڏيو. وارثن ٻڌايو ته ناريءَ گهرو اڻبڻت تان لڇمي آپگهات ڪيو آهي، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي پهچايو اسپتال پهچايو. کهڙا به آپگهات جو واقعو پيش آيو ، جتي ڳوٺ نوراجا پورھيت 28 ورهين جي لونگ چني مالي پريشانين کان تنگ اچي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. نوجوان جي والد محمد آچر چني ٻڌايو ته نوجوان گڏهه گاڏو ھلائي گذر سفر ڪندو هو، آمدني جي گهٽتائي ۽ خرچن ۾ واڌ سبب سخت پريشان ٿي انتھائي قدم کنيو آهي.
جيڪي حڪمران مٿن مڙهيل آهن اهي 30 ورهين کان چوري ڪري رهيا آهن: عمران خان
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مڃيل ڪرپٽ ماڻهو مٿن مڙهيا ويا آهن. اسلام آباد ۾...