تحريڪ انصاف جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزير اعظ۾ عمران خان پئٽروليم شين جي اگهن ۾ اضافي خلاف آچر تي احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته تيل جون قيمتون وڌڻ سان عوام معاشي طور تباهه ٿيندو، مداخلت جا ثبوت آهن ته پوءِ ڇا اُنهن جي جاچ نه ٿيڻ گهرجي؟ هڪ وڊيو پيغام ۾ عمران خان چيو ته تماشي خلاف سڀني کي روڊن تي نڪرڻو پوندو ٻئي صورت ۾ وڌيڪ مهانگائي ٿيندي. هن چيو ته آچر تي سوال ڪيو ويندو ته حڪومت سنڀالي نه پيا سگهو ته مهانگائي ڇو ڪئي وئي آهي؟ سندس چوڻ هو ته سندن ساڍن ٽن سالن جي حڪومتي دور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ رڳو 50 رپيه في لٽر اضافو ڪيو ويو. عمران خان چيو ته پرامن احتجاج سندن آئيني ۽ جمهوري حق آهي، سمورين سياسي پارٽين ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي. ٻئي طرف اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ بار ۾ وڪيلن کي خطاب عمران خان جو چوڻ هو ته جيترو آمريڪن آڏو جهڪندا هو ايترو ڊومور چوندا ۽ جيڪڏهن ملڪي مفادن جي لاءِ ڄمي بيهندا ته هو اوهان جي عزت ڪندا، جيڪڏهن اوهان انهن جا جوتا صاف ڪندا ته هو حقارت سان ڏسندا. هن چيو ته 7 مارچ تي سندن سفير کي چيو ويو ته عمران خان روس ڇو ويو، ڊونلڊ لو چيو ته جيڪڏهن بي اعتمادي ۾ عمران خان کي نه هٽايو ويو ته وڏين ڏکيائن سان منهن ڏيڻو پئجي ويندو اوچتو سندن اتحادين کي به خيال آيو ته هي حڪومت ته وڏي خراب آهي. هن چيو ته آمريڪي سفارتخاني ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ ملاقاتن لاءِ وڃڻ لڳو، سندن ماڻهو به جيڪي لوٽا ٿي ويا اهي به آمريڪي سفارتخاني وڃڻ لڳا. عمران خان چيو ته نيوٽرلز سازش روڪي پئي سگهيا، سازش جي خبر پوڻ تي نيوٽرلز کي سمجهايو ته ملڪي معيشت غير مستحڪم ٿي ته پوءِ ڪير سنڀالي نه سگهندو. سندس چوڻ هو ته شوڪت ترين کي چيو ته وڃي سمجهايو هتي نيوٽرل رهڻ جو وقت ناهي، قانون جي حڪمراني يقيني بڻائڻ جي ذميوار عدليه ۽ وڪيلن مٿان آهي، توهان جي اڳيان رول آف لا جي چيلهه ڀَڳِي وئي آهي. عمران خان چيو تھ هاڻي ئي اسٽينڊ نه ورتو ته اڳتي به هر وزيراعظم مشرف جيان هڪ ڌمڪيءَ تي ملڪي مفاد قربان ڪري ڇڏيندو، ھنن حڪمرانن عوام کي تباهه ڪري ڇڏيو آھي.
جيڪي حڪمران مٿن مڙهيل آهن اهي 30 ورهين کان چوري ڪري رهيا آهن: عمران خان
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مڃيل ڪرپٽ ماڻهو مٿن مڙهيا ويا آهن. اسلام آباد ۾...