پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته معاشي ترقي لاءِ آمريڪا ۽ ڀارت سان لاڳاپا وڌائڻا پوندا، چين سان مضبوط لاڳاپن ذريعي سي پيڪ جي ترقي جا نوان رستا کلندا. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي اسلام آباد جي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ٻاهرين ملڪ سوين شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، نوجوانن کي هاڪاري سرگرمين ۾ مصروف رکڻ لاءِ هو ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان اڃا به عالمي طاقتن وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پنهنجي جاگرافيائي هنڌ کي استعمال ڪندي سٺا موقعا پيدا ڪرڻا پوندا. پرڏيهي وزير چيو ته 1970 واري ڏهاڪي ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي جو بنياد ذوالفقار علي ڀٽي رکيو، پاڪستاني دنيا جي هر خطي ۾ موجود آهي ۽ دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، پرڏيهي وزارت جي عملدارن سان رابطي ۾ رهڻ گهرجي، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي بدقسمتي سان جديد دنيا جي گهرجن موجب ناهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو چين سان واپاري لاڳاپا وڌائيندا، پاڪستان جي آبادي صرف هتي محدود ناهي، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پاڪستاني موجود آهن، پرڏيهي پاليسي جو سڌو اثر هر پاڪستاني جي زندگي تي پوندو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته هو پسند ڪن يا نه ڪن پر ڀارت سندن پاڙيسري ملڪ آهي، پاڪستان آمريڪا ۽ چين سفارتي لاڳاپن جي قيام ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري چڪو آهي. .