ڀارت ۾ فوج ۾ نئين ڀرتي واري نظام خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي. نئين فوجي ڀرتي واري نظام تحت، ”اگني پٿ “ يعني باهه جيو رستي نالي سان 17 کان 21 سالن جي عمر وارن مردن ۽ عورتن کي چئن ورهين لاءِ غير آفيسر طور ڀرتي ڪيو پيو وڃي. ڀارتي فوج ۾ صرف چوٿون حصو ڊگهو يا مڪمل وقت لاءِ ڀرتي ڪيو ويندو. ان کان اڳ ڀارتي فوج، نيوي ۽ ايئر فورس طرفان ڌار ڌار ڀرتيون ڪيون وينديون هيون ۽ عام طور تي 17 ورهين تائين سروس هوندي هئي. بهار جي جهان آباد ضلعي ۾ ڀارتي فوج ۾ گهٽ مدي لاءِ ڀرتي ٿيل نوجوانن پاران احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي ڀارتي نوجوانن چيو ته چئن ورهين جي خدمت کانپوءِ هو بي گهر ٿي ويندا، ان ڪري روڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن. اتر پرديش سان تعلق رکندڙ بي جي پي جي قانون ساز ورون گانڌي خميس تي ڀارتي بچاءَ واري وزير راجناٿ سنگهه کي خط لکيو آهي، جنهن ۾چيو ويو آهي ته هن اسڪيم تحت ڀرتي ڪيل اٽڪل 75 سيڪڙو چار سالن جي سروس کانپوءِ بيروزگار ٿي ويندا. ”هر سال، اهو انگ به وڌندو.