سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف مختلف شهرن ۾ آبادگارن ۽ شهرين جا احتجاجي مظاهرا جاري آهن. لاڙڪاڻي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگارن سراج عزيز گاڏهي، مدد علي تنيو ۽ حافظ مقبول گاڏهي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. نوابشاهه ۾ شديد زرعي پاڻي جي کوٽ، مهانگائي ۽ بجيٽ ۾ زرعي شعبي کي نظر انداز ڪرڻ خلاف سنڌ گروئرس آرگنائيزيشن جي سڏ تي سوين آبادگارن ۽ هارين رضا محمد چانڊئي جي اڳواڻي ۾ سڪرنڊ کان نوابشاه تائين ريلي ڪڍي. مڇريل آبادگارن نٽهڻ اُس ۾ ڊي سي چوڪ کان پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪيو ۽ پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا ۽ مهانگائي ختم ڪيو جا زوردار نعرا هنيا. باڊهه ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف احمد بشير نوناري، فداحسين تنيو، اصغر علي ساريو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ آبادگارن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ٽائون حال کان ايريگيشن آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي. گپچاڻي ۾ جهيمل شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن محمد مريد کوسي، عبدالستار رند، امير مغيري ۽ پناهه رند جي اڳواڻي ۾ اڄ 13 هين ڏينهن به احتجاجي مظاھرو ڪري سانگهڙ نواب شاھ روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، آبادگارن جي احتجاج ۾ جي يو آءِ اڳواڻ اسدالله کهڙو وڏي قافلي جي صورت ۾ يڪجھتي طور شرڪت ڪئي. شھدادپور ويجهو لنڊو شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن فقير سومر ڀنڀرو، منٺار لغاري ۽ پوڙهو ڀنڀرو جي اڳواڻي ۾ شھدادپور – شاهپور چاڪر روڊ تي لنڊو شاخ جي موري تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آبادگارن ۽ شهرين جو چوڻ هو ته حڪمرانن غريب هاري ۽ مزدور کي تباھ ڪيو آهي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۾ وفاق ملوث آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ھجڻ سبب ساريالي فصل جو مندائتو ٻيجارو به پوکجي نه سگهيو آهي جنهن ڪري ساريالي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ جو خدشو آهي. هنن چيو ته سنڌ جا آبادگار سخت پريشان آهن جڏهن ته رائيس ڪئنال کي صرف ساريالي فصل لاءِ ئي پاڻي ڏنو ويندو آهي جيڪو مئي مهيني جي پهرين تاريخ پهچي ويندو آهي.