پنجاب ۾ بجلي جي بچت واري منصوبي تحت ڪاروباري مرڪز رات نائين وڳي بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ملڪ جي گادي واري شهري اسلام آباد ۾ مارڪيٽون ۽ واپاري مرڪزن بابتن قلم 144 تحت پابنديون لڳايون ويون آهن جنهن جو نوٽيفيڪشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب اسلام آباد ۾ مارڪيٽون، دڪان، گودام، بيڪريون ۽ آفيسون رات نائين وڳي بند وڳي بند ٿي ويندا. شادي هالز، شادي جون تقريبون، لائيٽنگ 10 وڳي تائين بند ڪيون وينديون، واپاري ۽ صنعتي مرڪز، ريسٽورنٽ، ڪلب، پارڪ، سينيمائون ۽ ٿيٽر رات جو ساڍي 11 هين وڳي بند ٿيندا. ڇنڇر واري ڏهاڙي واپارين کي ڪاروباري وقت ۾ خاص رعايت ڏني ويندي، شادي هال رات ڏهين وڳي تائين کولڻ جي اجازت هوندي. ميڊيڪل اسٽور، بيڪريون ۽ پئٽرول پمپ پابندي کان آجا قرار ڏنا ويا آهن. ندور، کير، ڏهي ۽ سبزي جي دڪانن کي ڇوٽ مليل آهي جيڪي انهن سمورين پابندين کان آجا هوندا.