سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پوڻ سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو، جڏهن ته عورت فوت ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پيرجوڳوٺ ويجهو ڪينگري جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ ملھڻ ناريجو ۾برسات دوران لياقت علي ناريجو جو گھر ڪري پيو جنهن سبب سندس گهر واري عابده ناريجو ڌٻجي فوت ٿي وئي ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي سندس وارثن کڻائي خيرپور اسپتال داخل ڪيو جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. ٺڪراٺو، مبارڪپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات پوڻ بعد موسم خوشگوار بڻجي وئي. خانپور مهر ۾ برسات پوڻ سبب ميراڻي محلي، شيخ محلي، جونئير غلام محمد خان ڪالوني، چاڪي محلي، ماڪائي اسٽينڊ، امام بارگاهه محلي سميت مختلف روڊن ۽ چوڪن تي گوڏي جيڏو برساتي پاڻي بيهجي ويو. پکو، عادلپور ۽ ڀرپاسي ۾ برسات پوڻ بعد بجلي غائب ٿي وئي، جروار، يارو لنڊ، ڳڙهي چاڪر سميت ٻين علائقن ۾ برسات پوڻ سبب موسم خوشگوار ٿي وئي.