وڏي وزير جي چونڊ تڪ تعلقي سيوھڻ ۾ پ پ اڳواڻن ۾ اختلاف ختم نه ٿي سگهيا، سيوهڻ ۽ ڀان سيد آباد پوليس اپليون داخل ڪرائڻ لاءِ ويندڙ چيئرمين جي ٻن اميدوارن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڀان سيد آباد ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. سيوهڻ تعلقي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان پيپلز پارٽي سنگين اختلافن جو شڪار بڻجي وئي، حڪومتي اميدوارن سان مقابلي ۾ بيهندڙ چيئرمين شپ جي ٻن اميدوارن کي گرفتار ڪيو ويو. اڄ اعتراض جي آخري ڏھاڙي تي يوسي بوبڪ ۽ يوسي جعفرآباد ٽائون ڪاميٽي ڀان سيدآباد ۾پ پ اميدوارن خلاف اعتراض داخل ڪرائڻ ۽ جبري طور تي رد ڪيل فارمن جون سيشن ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪرائڻ لاءِ ويندڙ اميدوارن يوسي بوبڪ جي چيئرمين رمضان ملاح ۽ جعفرآباد جي چيئرمين ۽ ٽائون ڪاميٽي ڀان سيدآباد جي ڪائونسلر وڏيرو منور ميمڻ سيشن جج ڄامشورو جي عدالت وڃي رھيا ھئا ته رستي تي ناڪابندي ڪري بيٺل سيوهڻ ۽ ڀان سيدآباد پوليس پ پ مخالف اميدوارن کي گاڏين مان لاھي کنڀي گم ڪري ڇڏيو. ڀان سيد آباد ۾ منور ميمڻ جي گرفتاري جو ٻڌي ميمڻ برادري پوليس خلاف احتجاج ڪندي شٽربند هڙتال ڪئي. کنڀي گم ڪيلن جي وارثن جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي طرفان بھاريل اميدوارن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پوليس جو استعمال ڪيو پيو وڃي، سندن اميدوارن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي ته جيئن هو اپيلون داخل نه ڪرائي سگهن. شھرين مطالبو ڪيو آهي ته کنڀي گم ڪيل اميدوارن کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ پ پ جا اميدوار ورڪ به نه ڪري سگھندا.
جيڪي حڪمران مٿن مڙهيل آهن اهي 30 ورهين کان چوري ڪري رهيا آهن: عمران خان
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مڃيل ڪرپٽ ماڻهو مٿن مڙهيا ويا آهن. اسلام آباد ۾...