وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هو موجوده معاشي مشڪلاتن جي ڦيٿي مان نڪرندو ۽ اميدن تي پورو لهندو. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين هڪ ڏينهن ۾ 57 ڪروڙ 70 لک ڊالر پاڪستان موڪلي نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي، هڪ ڏينهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ کي سڀ کان وڌيڪ 57 ملين ڊالر مليا آهن. هن چيو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ جمع ڪيل رقم 4.5 بلين ڊالر کان وڌي وئي آهي ۽ سندن حڪومت روشن ڊجيٽل اڪائونٽ اسڪيم جي مڪمل حمايت ۽ سرپرستي ڪري رهي آهي. شهباز شريف چيو ته هڪ ڏينهن ۾ رڪارڊ رقم موڪلڻ تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جا ٿورائتا آهن. سندس چوڻ هو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني سندن قيمتي اثاثو آهن جن جون دليون پاڪستان جي محبت ۾ ڌڙڪن ٿيون، انهن هميشه ملڪ جي معيشت کي مضبوط ۽ بهتر بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته موجوده معاشي مشڪلاتن جي گهيري مان نڪري عوام جي اميدن تي پورا کهندا، حڪومت پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي سهولت لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي.
جيڪي حڪمران مٿن مڙهيل آهن اهي 30 ورهين کان چوري ڪري رهيا آهن: عمران خان
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مڃيل ڪرپٽ ماڻهو مٿن مڙهيا ويا آهن. اسلام آباد ۾...