ٻن مهينن کانپوءِ ڊالر جي اگهه ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي آهي ۽ هڪ ڏينهن ۾ چار رپيه سستو ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ ڊالر جي اونچي اڏام کي بريڪ لڳي وئي آهي ۽ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ چار رپيه 70 پئسا گهٽتائي ٿي آهي. ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن ڊالر جي اگهه ۾ انٽر بئنڪ ۾ چار رپيه 70 پئسا گهٽتائي ٿي آهي. رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڪرنسي جي قيمت 207 رپيه 23 پئسن تائين پهچي وئي آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ چئن رپين جي گهٽتائي کانپوءِ ڊالر 209 رپين ۾ ٽريڊ ٿي رهيو آهي.