ڀٽ شاهه ڀرسان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 16 ورهين جو نوجوان فوت ٿي ويو. کنڊو اسٽاپ ويجھو انبن جي باغ ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري نوجوان غلام محمد پٽ بخشڻ شورو فوت ٿي ويو. اطلاع تي ڳوٺاڻا ۽ حد جي پوليس پهچي فوتي جو لاش اسپتال منتقل ڪيو جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي ڳوٺ محمد موسيٰ شورو جو رهواسي هو، باغ مان انب پٽي رهيو ته کيس ڪرنٽ لڳو. هوڏانهن فوتي نينگر جو مڙهه گهر پهچائڻ تي روڄ راڙو مچي ويو.