ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا جا ڪيس وڌڻ لڳا، گذريل 4 ڪلاڪن دوران 303 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته 2 مريض فوت ٿي ويا. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ۾ ڪورونا جون 13 هزار 759 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 333 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي. اين آءِ ايڇ موجب، ملڪ ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 2ڏهائي 42 سيڪڙو رهي. سرڪاري پورٽل موجب، ڪورونا جي 85 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. سرڪاري انگ اکر موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جو تعداد 15 لک 34 هزار 604 ٿي ويو آهي جڏهن ته 30 هزار 392 ماڻهو زندگي وڃائي ويٺا آهن.
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو. مدينه منوره ۾ عبدالحميد ککراڻي، محمد ابراھيم...