مٺي ڀرسان شڪارين هٿان شڪار ٿيل ستن هرڻن کي ڳوٺاڻن پوري ڇڏيو. فطرت جي وارثن ۽ ٿر جي شعور پاران وائلڊلائيف کاتي کي شڪار ٿيل هرڻن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ تي مجبور ڪرڻ بعد هرڻن کي پوريو ويو. هرڻن کي پورڻ وقت ڊپٽي ڪنزويٽر ميرپورخاص مير اعجاز ٽالپر، شهرين ماما ماتورام، اشرف سمون، پيارو شيواڻي، سراج سومرو ۽ ٻيا موجود هئا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هو ٿر جي حسن ۽ فطرت جي اهڃاڻ چڻڪارا هرڻن کي بچائي ته نه سگهيا پر انهن کي پوريو آهي. هنن چيو ته هو شڪارين ۽ جهنگلي جيوت جي کاتي جي ڪرپٽ ڪامورن خلاف پکين ۽ جانورن کي بچائڻ لاءِ تحريڪ جي شروعات ڪن ٿا ۽ هاڻي ڪنهن به شڪاري کي علائقي ۾ هرڻن جو شڪار ڪرڻ نه ڏيندا جيڪڏهن ڪو آيو ته کيس منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا....