ڪوٽڙي ۾ ايزي لوڊ دڪان جي مالڪ کان ھٿياربند موبائيل فونيون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. شھر جي مريم گارڊن جي گيٽ وٽ ھٿياربند عامر بروھي کان ھٿيارن جي زور تي 5 موبائيليون ۽ پنج لک رپيا روڪ ڦري ڪندي آساني سان فرار ٿي ويا. ان موقعي تي متاثر عامر بروھي دانھيندي ٻڌايو ته ھو دڪان کان واپس گھر وڃي رھيو ھيو ته ھٿياربندن کيس پسٽل ڏيکاريا جنھن تي شهرين مزاحمت پڻ ڪئي جنهن بعد ڦورو موٽر سائيڪل ڇڏي فائر ڪندا گھٽين مان ڀڄي ويا. سندس چوڻ آھو ته بعد ۾ معلوم ٿيو ته ڦر ۾ استعمال ڪيل موٽر سائيڪل پڻ اڌ ڪلاڪ اڳ ڪراچي واھه وٽان ڦر ڪئي وئي هئي جنهن جو پڻ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو پر پوليس ڪنهن به قسم جو ڪو تحرڪ نه ورتو آھي.