ڊکڻ ويجهو پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ دولت کوسو ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري زمين تي ڪم ڪندڙ نوجوان نظام الدين کوسي کي قتل ڪيو. غلام شاھه پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ غلام شاھه رفيق بروهي ٻڌايو ته جيڪب آباد ۾ کوسا ۽ گلواڻي جکراڻي برادري ۾ زمين جي معاملي تان پراڻو تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان واقعو پيش آيو. هن چيو ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، مقتول جي وارثن جي فرياد تي ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويندو..
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا....