• Latest
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري

جُولاءِ 9, 2022
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو

سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو

آگسٽ 14, 2022
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار

شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار

آگسٽ 14, 2022
پاڪستان آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس جي آفيسرن ۽ جوانن لاءِ ملٽري ايوارڊز جو اعلان

پاڪستان آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس جي آفيسرن ۽ جوانن لاءِ ملٽري ايوارڊز جو اعلان

آگسٽ 14, 2022
ملڪ جو 75 هون آزاديءَ جو  ڏهاڙو ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ ڀرپور نموني سان ملهايو پيو وڃي

ملڪ جو 75 هون آزاديءَ جو ڏهاڙو ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ ڀرپور نموني سان ملهايو پيو وڃي

آگسٽ 14, 2022
Home 1

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪريل مخالف 26 سالن کان سندس ڪردار ڪشي ڪري رهيا آهن

آگسٽ 14, 2022
Home 1

سنڌ ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو

آگسٽ 12, 2022
سنڌ

ٺٽي ويجهو ٻن ڌرين ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو

آگسٽ 12, 2022
SindhTvNews
No Result
View All Result
W3Schools
W3Schools
W3Schools
W3Schools
W3Schools
  • پهرين صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • جائزو
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس
  • پهرين صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • جائزو
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس
No Result
View All Result
No Result
View All Result
SindhTvNews

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري

Sindh tv by Sindh tv
جُولاءِ 9, 2022
in سنڌ
0
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري
Twitter

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، وڄ ڪرڻ سبب 3 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ اڄ به ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي. شهر جي مختلف علائقن ۾ وسڪاري سبب روڊ رستا پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن. لاڳيتي برسات سبب ندين ۽ نالن ۾ چاڙهه اڇي وئي آهي، جيڪي اوور ٽاپ ٿيڻ لڳا آهن. ڪورنگي ندي ۽ ڪاز وي ٻئي ڏينهن به کلي نه سگهيا آهن، جنهن سبب شهرين کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. سکر ۽ ڀرپاسي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر برسات بعد موسم خوشگواري ٿي وئي آهي، جڏهن ته برسات پوندي ئي بجلي بند ٿي وئي. حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان تيز برسات جو وسڪارو جاري آهي، جڏهن گذريل ڏينهن کان بجلي بند هجڻ ڪري شهري ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. ڄامشوري ۽ ڪوٽڙي ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، جڏهن اڪثر علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي. بدين ۾ گذريل چئن ڏينھن کان ھلڪي ۽ تيز برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي. برساتن سبب مواصلاتي نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو، جڏهن ته روڊن تي پاڻي تلاءَ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. ڪڍڻ ۾ گج گوڙ سان برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، جنهن سبب وڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا حياتيون  وڃائي ويٺا. وڄ ڪرڻ سبب ڳوٺ جانجھو دل ۾ عبدالمجيد ۽ ڳوٺ جمن مڙھو ۾ خدا بخش ملاح فوت ٿي ويا، جنهن سبب سندن گهرن ۾ عيد جون خوش ماتم ۾ تبديل  ٿي ويو. ٽنڊوباگو شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان وسڪارو جاري آهي. برسات سبب مرچ، ڦٽي ۽ ٽماٽن جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسو آهي. ڊرينج سسٽم ناڪارا ٿيڻ سبب گندو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي.  نندي، کوسڪي ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ تيز برسات وقفي وقفي سان جاري آهي. نندي ويجهو ڳوٺ علي مراد مهر اڻپوٽو ۾ وڄ ڪرڻ سبب نوجوان ڌنجي ڪولهي فوت ٿي ويو. ميرپورماٿيلي ۽ ڀرپاسي ۾ طوفاني برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته روڊن تي گوڏي جيترو پاڻي بيهڻ سبب عوام گهرن تائين محدود ٿي ويو. فريدآباد سميت ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن ۾ گذريل پنجن ڏينهن کان هلندڙ وقفي وقفي سان هلندڙ  برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي. ڪاڇي جي کيرٿر جي جابلو پٽي ۾ برسات سبب مختلف نئيون مزراڻي، ٻوري، دلان ۽ ٻيون نئيون وهي اچڻ سبب ڪاڇي واسين چهرا مرڪي پيا آهن. فريدآباد ۾ انتظاميا جي نااهلي سبب برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب بس اسٽاپ، لال شاھ چوئڪ، خاصخيلي، کوسا، عباسي پاڙن سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو آهي. جاتي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڇھن ڏينھن کان وقفي وقفي سان ھلندڙ برسات جو سلسلو جاري آهي، برسات سبب ھر ھنڌ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي. برسات سبب سامونڊي پٽي جي ڳوٺن جو شھرن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي. يوسي مڙھو بولاخان ۽ شاھڪپور ۾ حالتون خراب ٿيڻ لڳيون آهن، جنهن سبب پورھيت طبقو پريشاني کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهي. اسلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ مگھو ڀيل وڄ ڪرڻ سبب پورھيت جون 25 ٻڪريون سڙي مري ويون. ٽنڊي ڄام، نئين ڪوٽ، پيرس وسڻ، پڊعيدن، کهڙا، سئي گيس، ٺري ميرواهه، راڄوخاناڻي ۾ وقفي وقفي سان برسات سبب نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چوماسي برسات جي سسٽم  ۾ شدت برقرار آهي. موسميات کاتي موجب، شهر ۾ وسڪاري جو سلسلو رات تائين جاري رهندو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته تيز برسات سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾ شهري ٻوڏ جو خدشو آهي.s

 

RelatedPosts

شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار

سنڌ ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو

ٺٽي ويجهو ٻن ڌرين ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو

وڌيڪ پڙهو…

Related Posts

شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار

شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار

آگسٽ 14, 2022
0

شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا....

Home 1

سنڌ ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو

آگسٽ 12, 2022
0

سنڌ ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو،  ٻڻ ٻارن سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 300 کان وڌيڪ مريضن اسپتال ڀيڙو...

سنڌ

ٺٽي ويجهو ٻن ڌرين ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو

آگسٽ 12, 2022
0

ٺٽي ويجهو ٻن ڌرين ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو  ۽  هڪ زخمي ٿي پيو، جڏهن ته پوليس ٽن...

شريف خاندان ڏکئي وقت ۾ پير ۽ سٺي وقت ۾ ڳچي پڪڙيندو آهي، شهباز گل

پي ٽي آءِ 8 ورهين تائين غيرقانوني فنڊنگ ڪيس ۾ اسٽي آرڊرز جي مدد سان دير ڪري رهئي هئي, شرجيل ميمڻ

آگسٽ 12, 2022
0

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ 8 ورهين تائين غيرقانوني فنڊنگ ڪيس ۾ اسٽي آرڊرز جي...

سنڌ

نواب ولي محمد ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ سنڌو درياهه ۾ چاڙھه سبب ننڍي ٻوڏ برقرار

آگسٽ 12, 2022
0

نواب ولي محمد ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ سنڌو درياهه ۾ چاڙھه سبب ننڍي ٻوڏ برقرار آهي، جڏهن ته مختلف...

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برسات تباهي مچائي چڏي

ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات کانپوءِ گرمي ۽ ٻوسٽ ۾ شدت ۾ گھٽتائي اچي وئي

آگسٽ 12, 2022
0

ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات کانپوءِ گرمي ۽ ٻوسٽ ۾ شدت ۾ گھٽتائي اچي وئي ۽ موسم خوشگوار...

  • شريف خاندان ڏکئي وقت ۾ پير ۽ سٺي وقت ۾ ڳچي پڪڙيندو آهي، شهباز گل

    پي ٽي آءِ 8 ورهين تائين غيرقانوني فنڊنگ ڪيس ۾ اسٽي آرڊرز جي مدد سان دير ڪري رهئي هئي, شرجيل ميمڻ

    493 shares
    Share 197 Tweet 123
  • بلوچستان جي خضدار واري علائقي ۾سي ٽي ڊِي جَي آپريشن دوران 2 مبينا دهشتگرد مارجي ويا

    508 shares
    Share 203 Tweet 127
  • شريف خاندان مرڻ تي به سياست کان پاسو نه پيو ڪري, فردوس

    498 shares
    Share 199 Tweet 125
  • سنڌ ۾ سخت گرمي ۽ ھيٽ اسٽروڪ جي لھر برقرار

    498 shares
    Share 199 Tweet 125
  • وزيراعظم شهباز شريف سان وفاقي وزير شاهزين بگٽي جي ملاقات

    497 shares
    Share 199 Tweet 124
  • پهرين صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
  • وڊيوز
  • رپورٽس
  • پهرين صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي