سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌ ۾ وڌندڙ ڌاري آبادڪاري ۽ بلال ڪاڪا جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ٻانڌي جسقم ڪارڪنن محبوب پنڃارو، فراز جمالي ۽ جاويد ڏاھري جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. نواب ولي محمد ۾ ايس يو پي ۽ ڪاڪا برادري پاران رياض ڪاڪيپوٽو، ڊاڪٽر الهرکيو ڪلهوڙو، شاهنواز خاصخيلي، عبدالحڪيم، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.وارھه ۾ سجاد گل غفار ميرجت عرفان منان . مراد چانڊيو . نياز حيدري . پنهل عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد فاضل راهو چونڪ ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب وارھ حمل بند ٿي ويو . ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ پڻ معطل رهي بھرام ۾ محسن قاضي, علي محمد کوسو, مرتضا لاشاري ديدار مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قمبر-شھدادڪوٽ روڊ تي حاڪم شاھه پل وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. پڪاچانگ ۾ پورهيت مزاحمت تحريڪ ۽ سول سوسائٽي پاران تصور باقي، شاذ خادم، فياض شر، شير جان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال چوڪ کان شهر جي مک چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. چڪ شھر ۾ فقير جبار، غني غمدل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ اندر ڌارين جي آبادڪاري سازش تحت ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي، خاص طور افغانين جي يلغار پهتل آهي. هنن چيو ته ڌاريا مقامي ماڻهن جي مدد ۽ رشوت عيوض سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ملڪيتون خريد ڪن پيا، ڪراچي، حيدرآباد، سکر توڙي لاڙ اتر ۾ هوٽلن تي به ڌاريا قابض آهن. اڳواڻن چيو ته بدقسمتي سان امن پسند ۽ صوفي سنڌ، افغانين، برمي، بنگالي، بهاري، ازبڪ توڙي دنيا جهان جي تڙيلن لاءِ پناهه بڻجندي پئي وڃي. سندن چوڻ هو ته سنڌ جي باشعور عوام بلال ڪاڪا جي خون سان انصاف لاءِ ٻاهر نڪرڻ گهرجي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڌارين جي سڃاڻپ ڪارڊن جي جاچ ڪري خريد ڪيل ملڪيتون ضبط ڪرڻ سان گڏ مستقبل ۾ جائيداد خريد ڪرڻ مٿان پابندي لاڳو ڪري نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا....