وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، عمران خان ۽ شيخ رشيد کي مسٽر فراڊي قرار ڏئي ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته مسٽر فريديا سياسي مخالفن کي غداري سان ڳنڍڻ ۽ چور بابت ڪوڙو بيان ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿو ڄاڻي. هن چيو ته پهرين سياست ۾ الله معاف ڪري اسلامي ٽچ ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪو به فائدو نه ٿيو، هاڻي بشرا بي بي جي چوڻ تي سياسي مخالفن کي غداري سان ڳنڍڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به بيان ناهي. گهرو وزير چيو ته هو سي پيڪ کي بچائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ فراڊي گوگي پنڪي اڪنامڪ ڪوريڊور کي بچائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته چئن ورهين ۾ ثابت ٿي ويو ته عمران خان نه صادق ۽ نه امين آهي، اڳوڻو وزيراعظم ۽ سندس گهرواري ٻئي ڪرپشن ۾ پهرين نمبر تي آيا آهن. راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران نيازي چئن ورهين تائين مهانگائي ۽ معاشي تباهي ذريعي عوام کي ڀولڙي جيان نچايو. گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته آءِ ايم ايف سان ٺاهه عمران خان ڪيو هاڻي ماتم ڪري عوام کي دوکو نٿو ڏئي سگهي.
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو. مدينه منوره ۾ عبدالحميد ککراڻي، محمد ابراھيم...