سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شهرين ۽ دڪاندارن امن ريلي ڪڍي سنڌي پٺاڻ ڀائي ڀائي نعرا هنيا. مٺي ۾ ٿر جي واپاري برادري ۽ شهرين اسلم قائمخاني، برڪت بجير ۽ امان الله پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ بلاول پارڪ کان ڪشمير چوڪ تائين امن ريلي ڪڍي وئي. ڍورو نارو ۾ پشتو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن لالا يعقوب، فيروز پٺاڻ، امير علي راڄڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو امن ريلي ڪڍي. ان موقعي تي دڪاندارن ۽ شهرين ريلين کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ پرامن خطو آهي اتي سموريون قومون برابري ۽ ڀائپي جي بنياد تي رهن ٿيون. هنن چيو ته هو امن ۽ ڀائيچارو چاهن ٿا ته جيئن پختون ۽ سنڌي اڳ جيان پاڻ ۾ ڀائرن جيان گڏجي رهن، هو حيدرآباد ۾ بلال ڪاڪا جي قتل ۽ سهراب ڳوٺ واقعن جي مذمت ڪن ٿا.
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا....