لاڙڪاڻي ۾ ناري پاران مبينا جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺ مير خان کوسو جي رهواسڻ نوجوان ناري نصرت خاتون کوسو پنهنجي پيرسن والد رستم علي کوسو ۽ امڙ اميران خاتون سان گڏجي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي دانهيندي ناري الزام لڳايو ته 22 جنوري تي جوابدار عبدالخالق عرف خالد ڏيپر پنهنجي ساٿين اسحاق ڏيپر، افضل، امداد، ضمير ۽ ٻين سان گڏجي گهر تي چڙهائي ڪري زيادتي ڪئي. هن چيو ته جوابدار عبدالخالق ڏيپر 3 مهينن تائين مسلسل جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو، جتان وجهه وٺي پنهنجي والدين وٽ آئي، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ سان عدالت ۾ پڻ درخواست ڏني، پر بااثرن ڪوڙو نڪاح نامو پيش ڪندي ضمانت ڪرائي. ناري مطالبو ڪيو ته جوابدار ڌمڪيون ڏين پيا، تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي.
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو. مدينه منوره ۾ عبدالحميد ککراڻي، محمد ابراھيم...