اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته راڻا ثناءُ الله طرفان پنجن ايم پي ايز کي گم ڪرڻ جي ڌمڪي سياسي غنڊا گردي جو ثبوت آهي، ميمبرن کي کنڀڻ ۽ خريد ڪرڻ جمهوريت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو هوندو. جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته چوڌري پرويز الاهي پنجاب جو نئون وڏو وزير هوندو. سندس چوڻ هو ته ڊالر مهانگو ٿيندو پيو وڃي، تباهه ٿيل معيشيت جو ڪنهن کي فڪر نه آهي. شيخ رشيد چيو ته سياسي استحڪام نه آيو ته ٻهارو اچي ويندو. اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چيو ته راڻا ثناءُ الله طرفان پنجن ايم پي ايز کي گم ڪرڻ جي ڌمڪي سياسي غنڊا گردي جو ثبوت آهي، ميمبرن کي کنڀڻ ۽ خريد ڪرڻ جمهوريت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو هوندو.
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو. مدينه منوره ۾ عبدالحميد ککراڻي، محمد ابراھيم...