وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان ادارن کي بليڪ ميل ڪري پنهنجا مطالبا مڃرائڻ چاهي ٿو.مريم اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير چيو ته هو اهڙي ذلت آميز عمل جي اجازت نه ڏيندا، جڏهن کان پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو محفوظ ٿيو آهي، عمران خان اليڪشن ڪميشن جي توهين ڪري رهيو آهي. هن عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته 20 جون 20 سيٽون کٽڻ کانپوءِ خان صاحب کي يقين ايندو ته شفاف چونڊون ٿينديون؟ جڏهن توهان حڪومت ۾ هئا ته اليڪشن عملي کي اغوا ڪيو ويو، ڌانڌلي ڪئي وئي، مسلم ليگ ن جي حڪومت ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرايون ويون. هن چيو ته ن ليگ اليڪشن هارائڻ باوجود اليڪشن ڪميشن تي اعتماد ڪري رهي آهي، هميشه شڪست کائيندڙ اليڪشن ڪميشن خلاف ڳالهائيندو آهي، هي چريو کٽڻ کانپوءِ ڳالهائي رهيو آهي. هن چيو ته شهباز شريف هميشه ميان نواز شريف کي پنهنجو ليڊر سمجهيو آهي، جيڪڏهن عمران خان اليڪشن ڪرائڻ ۾ مخلص هجي ها ته پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلي کي ٽوڙي ڇڏي ها.
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو. مدينه منوره ۾ عبدالحميد ککراڻي، محمد ابراھيم...