وزيراعظم شهباز شريف، پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس جو جلد فيصلو ٻڌائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته عمران خان کي ڇوٽ سبب ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، ڪيتري عرصي کان محفوظ فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو جلد ٻڌايو وڃي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ شهباز شريف چيو ته رياستي ادارن تي حملن باوجود عمران خان کي ڇوٽ مليل آهي، جنهن سبب ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. وزيراعظم شهباز شريف مطالبو ڪيو ته ڪيتري عرصي کان محفوظ فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو جلد ٻڌايو وڃي. اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس بابت فيصلو محفوظ ٿيل آهي.
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي جو ڏھاڙو ملھايو ويو. مدينه منوره ۾ عبدالحميد ککراڻي، محمد ابراھيم...