اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته خيربرپختونخواھه جي عوام سوشل ميڊيا تي ملڪي ادارن جي سربراھن خلاف ٽرينڊ ھلائي رھيا آھن. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته بي آر ٽي پشاور ۽ بلين ٽري سونامي جو پئسو چونڊن واري مھم تي خرچ ٿي رھيو آھي، ڇا اھو پئسو عمران خان جي پيءُ جو آھي. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آھي ته عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان شوڪت خانم جي چندي واري پئسن مان آمريڪا ۾ ملڪيتون خريد ڪيون پيون وڃن. سندس چوڻ ھو ته فواد چوڌري ھميشه مختلف سياسي جماعتن جي سرابراھن کي خوش ڪرڻ لاءِ مخالفن تي ڪوڙو ۽ بي بنياد الزام مڙيا آھن. ھن چيو ته فواد چوڌري ھر دور ۾ پنھنجي سياسي جماعتون تبديل ڪندو آھي ۽ ھاڻي به مختلف جماعتن سان رابطي ۾ آھي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته فواد چوڌري کي ڪو به نه کڻي تڏھن ھو عمران خان سان گڏ آھي جيڪڏھن کيس ڪو به گرين سگنل ملي ته سڀاڻي ئي عمران خان خلاف بيان ڏيڻ شروع ڪري ڏي. سندس چوڻ ھو ته سنڌ ھائوس ۾ ڪجھه به خريد يا وڪرو ڪرڻ نه ٿيو ھيو، جيڪڏھن ڪنھن وٽ به ڪو ثبوت آھي ته عدالت ۾ وڃي.
وڌيڪ پڙهو