مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت جو پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ پاليسي بيان سامهون اچي ويو، سندس چوڻ آهي ته پرويز الاهي ئي وڏي وزير لاءِ پارٽي جو اميدوار آهي، ڪنهن قسم جو ليٽر جاري ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. جاري ڪيل بيان ۾ چوڌري شجاعت حسين چيو ته جن کي مينڊيٽ مليو، حڪومت ڪرڻ ان جو حق آهي. سندس چوڻ هو ته هو هڪ ڀيرو نه پر ٻه ٽي ڀيرا اڳ به اها ئي ڳالهه ڪري چڪو آهي. ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو ته ڪنهن قسم جو ليٽر جاري ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
وڌيڪ پڙهو