پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، عدالتي فيصلو حق ۾ اچڻ بعد عوام سان گڏ جشن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي ٽوئٽ ڪندي عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن کي هر طرح جي ڌمڪين خلاف ثابت قدم رهڻ ۽ آئين توڙي قانون جي حڪمراني بحال ڪرڻ تي خراج پيش ڪري ٿو. هن چيو ته بئريسٽر علي ظفر ۽ سندس ٽيم ۽ پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ ٻاهر نڪرڻ تي هو عوام جا ٿورا مڃي ٿو. عمران خان چيو ته اربع جي رات هو الله جو شڪر ادا ڪندا ۽ پاڪستان جي سمورن ماڻهن سان گڏ جشن ملهائيندا.