سنڌ ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو وڌيڪ هڪ ٻارڙو حياتي وڃائي ويٺا، 90 کان وڌيڪ مريضن کي اسپتال داخل ڪيو ويو. ميرپورخاص ۾ تازين برساتن کانپوءِ گيسٽرو جو مرض ودي ويو، روز جي بنياد تي 45 کان 50 مريض اسپتال داخل ٿي رهيا آهن، سول اسپتال ۾ ايندڙ مريضن لاءِ بيڊ گھٽ پئجي ويا. مورو اوڏ ڪالوني جو رھواسي محمد شريف جو ھڪ ورهين جو پٽ معصوم پٽ محمد جمن گيسٽرو ۾ مبتلا ھجڻ سبب گھر ۾ تڪليف وڌڻ ڪري مورو اسپتال پهچايو ويو جتي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ مريضن کي اسپتال داخل ڪيو ويو. متاثرن ۾ رحمان، صداقت علي، نعمان، انيس، فيض محمد ۽ ٻيا ڪيترائي مريض شامل آھن. جيڪب آباد ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 کان وڌيڪ گيسٽرو جي مريضن کي سول اسپتال داخل ڪيو ويو. مريضن ۾ مسمات گلان. فاطمه محمد بچل، سونيا، عائشا، مختيار احمد، غلام نبي ۽ ٻيا شامل آهن. صحت کاتي توڙي سول اسپتال ۽ جمس اسپتال انتظاميه گيسٽرو مريضن جي علاج لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن.
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا....