سکر بئراج مان لاش ملڻ جو سلسلو جاري آهي، اڄ وڌيڪ هڪ لاش هٿ آيو. سکر بئراج جي 30 نمبر دروازي وٽان عورت جو لاش هٿ ڪيو ويو. پوليس موجب اڄ هڪ عورت جو لاش هٿ آيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته لاش پراڻا آهن، هڪ به لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. سکر بئراج مان 20 ڏينهن اندر مليل لاشن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو آهي، جن ۾ 10 عورتون به شامل آهن. انتظاميه طرفان هٿ آيل لاشن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار
شڪارپور ۾ هٿياربندن ٽيڪسي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا....