تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

2030ع ۽ فيفا ورلڊڪپ لاءِ سعودي عرب کي ماڻهن جي ضرورت آهي: وزيراعظم شهبازشريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف، هزارين پاڪستانين کي روزگار لاءِ سعودي عرب موڪلڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته ويزن 2030ع ۽ فيفا ورلڊڪپ لاءِ سعودي عرب کي ماڻهن جي ضرورت آهي، ڀرپور ڪوششون وٺي پاڪستانين کي سعودي موڪليو ويندو. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي دوري تي کيس ايَ آءِ جديد ٽيڪنالاجي سسٽم بابت ٻڌايو ويو، جنهن تي هن چيو ته پاڪستان وٽ تيل جا ذخيرا ناهن ۽ ايترو خرچ به نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته اهو ٻڌي سعودي اختياري چيو ته سندن اها سهولت ڪروڙين پاڪستان ۽ شاگردن لاءِ بلڪل مفت آهن، ان سلسلي ۾ جلد خوشخبري ملندي. شهبازشريف چيو ته سعودي عرب ۾ 2030 ۾ هڪ وڏي نمائش ۽ 2034ع ۾ فيفا ورلڊڪپ ٿي رهيو آهي، جنهن لاءِ سعودي عرب کي هزارين ليبر، اعليٰ تربيت يافته ۽ هنرمند ماڻهن جي ضرورت آهي. وزيراعظم اشارو ڏنو ته هو پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪري هزارين پاڪستاني نوجوانن کي روزگار لاءِ سعودي عرب موڪلڻ جي ڪوشش ڪندو، جيئن اتي سندن نوجوان وڃي ملڪ جو نالو روشن ڪن. شهبازشريف چيو ته هلندڙ سال اسڪيم تحت ملڪ ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ سئو سيڪڙو ميرٽ تي ورهايا پيا وڃن، هاڻي جديد ٽيڪنالاجي ۽ اي آءِ جو دور اچي ويو آهي، انشاءَ الله هو پنهنجن ٻارن کي اها سهولت به جلد فراهم ڪندا ته جيئن ملڪ خودمختيار ۽ سندن مستقبل روشن هجي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15 ° C
15 °
15 °
29 %
2.8kmh
2 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون