تازه ترين

27 هين ترميم کي هو آئيني مارشلا سمجهن ٿا، ترميم ذريعي عدليه جي آزادي کي مڪمل طور ختم ڪيو ويو آهي: سيد زين شاھ

- Advertisement -
ايس يو پي صدر سيد زين شاھ چيو آهي ته 27 هين ترميم کي هو آئيني مارشلا سمجهن ٿا، ترميم ذريعي عدليه جي آزادي کي مڪمل طور ختم ڪيو ويو آهي، اهو طئي ڪيو آهي ته 27 ۽ 26 هين ترميم کي ختم ڪرايو ويندو. ايس يو پي صدر سيد زين شاهه ڪراچي بار پهچي 27 هين ترميم خلاف جاري ترميم جي حوالي سان بار جي اڳواڻن عامر نواز وڙائچ ۽ ٻين سان ملاقات ڪري حيدرآباد ۾ رٿيل تحريڪ تحفظ پاڪستان جي جلسي ۾ شيڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ڪراچي بار ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي زين شاهه چيو ته ايس يو پي 2007 ۾ به وڪيلن سان جدوجهد ۾ گڏ رهي ۽ ڪينالن جي معاملي تي به وڪيل برادري سان گڏ بيٺا رهيا. هن چيو ته 21 نومبر تي سموري ملڪ ۾ 27 هين ترميم خلاف ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان لاءِ وڪيل برادري کي دعوت ڏيڻ آيا آهن. سيد زين شاهه چيو ته تحريڪ تحفظ پاڪستان پاران اهو طئي ڪيو ويو آهي ته 27 ۽ 26 هين ترميم کي ختم ڪرايو ويندو. هن چيو ته تحريڪ تحفظ پاڪستان جو پهريون جلسو حيدرآباد ۾ ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت 144 قلم لاڳو ڪري ڊڄارڻ چاهي ٿي، مٿس 3 ڪوڙا ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن، اهڙي طرح جا قانون ملڪ کي نه هلائي سگهندا، ڪهنهن به طاقت آڏو نه جهڪندا. ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 26هين آئيني ترميم بعد وفاقي آئيني عدالتون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر وڪيلن جي احتجاجن سبب آئيني بينچون ٺاهيون ويون، ايتري تڪڙ ۾ صفائي عملي جي به مقرري ناهي ٿيندي جيتري جلدي وفاقي آئيني عدالت جو جج مقرر ڪرڻ ۾ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جيڪي به تڪڙ ۾ فيصلا ڪيا ويا آهن، اهي مخصوص طبقي کي فائدو ڏيڻ لاءِ ڪيا ويا آهن،26 ۽ 27 هين ترميم ڪنهن به حساب سان آئيني نه آهن، عدليا جو جنازو ڪڍيو ويو آهي، سنڌ جا سمورا وڪيل هڪ پيج تي آهن. عام نواز وڙائچ چيو ته حڪومت کي اهڙي ترميم نه آڻڻ گهرجي جنهن سان آئين جو جنازو نڪري. ڪراچي بار جي جنرل سيڪريٽري رحمان ڪورائي چيو ته کين خوشي آهي ته 27هين ترميم خلاف صرف وڪيل نه پر هر ماڻهون تحريڪ ۾ شامل آهي، اهڙا قانون ڪنهن کي به قبول نه آهن، هو وفاقي آئيني ڪورٽن کي رد ٿا ڪن. هن چيو ته 27 هين ۽ 26 ترميم خلاف مارپورخاص ۾ ڪنوينشن منعقد ڪيو ويندو، هو زمين الاٽمينٽ وارو منصوبو به قبول نه ڪندا. رحمان ڪورائي چيو ته پيڪا ايڪٽ به صحافت جي آزادي تي وار آهي، اهي سمورا ڪارا قانون ڪنهن به صورت قبول نه ڪندا. سندس چوڻ هو ته آئين ۾ عوام کي حق مليل آهي ته هو ظلم خلاف احتجاج ڪن، 144 قلم لاڳو ڪرڻ نا انصافي آهي، هو آزاد صحافت، سياست ۽ آزاد عدليا لاءِ وڙهندا…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
12 %
2.3kmh
0 %
خميس
13 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
15 °
آچر
16 °
سُومر
15 °

تازه ترين خبرون