وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ سڏائي ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا اجلاس ۾ ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ پرتشدد واقعن جو جائزو ورتو ويندو.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ايندڙ حڪمت عملي پڻ جوڙي ويندي.
واضع رهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جو اڄ گهرايل اجلاس ميمبرن جي غير موجودگي سبب ملتوي ڪيو ويو آهي.