پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان مونجهارا پيدا ٿيا آهن، ڀارت جيڪو پاڪستان سان 75 ورهين ۾ نه ڪري سگھيو، اهو تحريڪ انصاف ڪري ڏيکاريو، اڄ پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ ايندڙ حڪمت عملي جوڙي ويندي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جي ايڇ ڪيو ۽ ڪور ڪمانڊر لاهور جي گهر تي حملو ۽ شهيدن جي يادگار جي بيحرمتي باوجود چيف جسٽس عمران خان کي ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته عمران خان کي واقعن جي مذمت لاءِ چيو ويو جنهن کان ان انڪار ڪيو.
مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ جي غنڊن شهيدن جي يادگار تي پٿراءُ ڪيو ۽ تباهي مچائي، ٻن ڏينهن اندر ملڪ ۾ دهشتگردي ٿي، اهڙن ماڻهن خلاف غداري جا ڪيس داخل ٿيڻ گهرجن ها
پي ڊي ايم سربراهه موجب، ڇا عدالت جي احاطي مان صرف هڪ سياستدان جي گرفتار ٿي؟، عمران خان جي مخالفن کي ته عدالتن ۾ مهينن جا مهينا انتظار ڪرايو ويندو هو.
مولانا فضل الرحمان چيو ته اڄ وائرل ٿيل آڊيو ۾ سڀاڻي جي فيصلي جي اڳڪٿي آهي، اهي انجنيئرڊ فيصلا آهن، سمورا ڏوهه ڏسڻ باوجود عمران خان جي سهولتڪاري ڪئي وئي.
هن چيو ته اڄ پي ڊي ايم جوهنگامي اجلاس سڏايو آهي جنهن ۾ ايندڙ حڪمت عملي جوڙيندا…….