صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته تحريڪ انصاف ۽ عمران خان ملڪ دشمنن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن، ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ملوث شخص کي هر قسم جي سهولت ڏني پئي وڃي، وڏي پئماني تي تباهي باوجود لاڏلي کي عدالت مان رليف مليو آهي، بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو آهي ته ڪنهن سياسي پارٽي تي پابندي جي حق ۾ ناهي، ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ ميئر پ پ جو هئڻ گهرجي.
ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته پ پ ڪراچي ڊويزن طرفان آءِ آءِ چندريگر روڊ تي جلسو ٿيندو جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري شرڪت ڪندو ۽ شھرين جا ٿورا مڃيندو جن مٿن اعتماد ڪيو.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ۽ عمران خان ملڪ دشمنن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن.
صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ملوث شخص کي هر قسم جي سهولت ڏني پئي وڃي.
هن چيو ته وڏي پئماني تي تباهي باوجود لاڏلي کي عدالت مان رليف مليو آهي، بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو آهي ته ڪنهن سياسي پارٽي تي پابندي جي حق ۾ ناهي.
صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ ميئر پ پ جو هئڻ گهرجي.