بلوچستان ۾ ايف جي ڪيمپ تي دهشتگردن جي حملي سبب 2 جوان شهيد ٿي ويا، ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ ٻن دهشتگردن کي ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اتر بلوچستان جي علائقي مسلم باغ ۾ ايف سي جي ڪيمپ تي دهشتگردن حملو ڪيو.
ترجمان موجب حملي سبب ٻه جوان شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب دهشتگردن کي بلڊنگ ڪمپليڪس تائين محدود ڪيو ويو ۽ آپريشن جاري آهي.