امريڪي سينيٽ جي پرڏيھي لاڳاپن واري ڪميٽي جي چيئرمين باب مينڊيز طرفان پاڪستان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويو آھي.
پرڏيھي خابرو اداري موجب باب مينڊيز چيو آھي تھ پاڪستان جون حالتون پريشان ڪندڙ نظر اچي رھيون آھن، ھو ڇڪتاڻ جي خاتمي جي ڪوششن جي حمايت ڪن ٿا.
باب مينڊيز عوام جي لاءِ انٽرنيٽ سروسز جي فوري بحاليءَ جو مطالبو ڪندي چيو تھ انٽرنيٽ بند ڪرڻ پاڪستاني عوام جي آزادين تائين پھچ کي خطرناڪ حد تائين دٻائڻ آھي.