سعودي عرب ايران ۾ پنھنجو سفير مقرر ڪري ڇڏيو.
پرڏيھي ميڊيا رپورٽس موجب ايراني پرڏيھي وزير حسين امير عبداللھيان جو جو چوڻ آھي تھ سعودي عرب ايران ۾ پنھنجو نئون سفير مقرر ڪري ڇڏيو آھي، ايران ۾ سعودي عرب جو سفارت خانو ڪجھھ ڏينھن اندر کلي ويندو.
ايراني پرڏيھي وزير جو چوڻ ھو تھ ايران بھ جلد سعودي عرب ۾ پنھنجو نئون سفير مقرر ڪندو.
ٻئي طرف ايران جي ناڻي واري وزير احسان خاندوزي جي اڳواڻي ۾ ايران جو وفد جدھ پھچي ويو آھي، چين جي ٽياڪڙي ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي بعد ايراني عھديدار جو اھو پھريون دورو آھي.
واضح رھي تھ ڪيترن ئي سالن کان ڇڪتاڻ بعد چين جي ٽياڪڙي ۾ ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپن ۾ بھتري اچي رھي آھي.
ٻنھي ملڪن ۾ 10مارچ 2023ع تي ٿيل معاھدي جي شرطن تحت ٻنھي ملڪن ٻن مھينن اندر نوان سفير مقرر ڪري پنھنجا سفارت خانھ کولڻ تي اتفاق ڪيو ھو.
سعودي عرب ۽ ايران 2016ع بعد سفارتي لاڳاپن جي بحالي جو فيصلو ڪيو جنھن بعد ٻنھي ملڪن جي پرڏيھي وزيرن جي ملاقات بھ ٿي چڪي آھي جڏھن تھ ايراني صدر سعودي بادشاھھ شاھھ سلمان جي طرفان سعودي جي دعوت بھ قبول ڪئي آھي.