پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي چيو آھي تھ جيڪڏھن ھندستان جي ٽيم پاڪستان نھ ٿي اچي تھ پاڪستاني ٽيم بھ ورلڊڪپ لاءِ ڀارت نھ ويندي.
ڀارتي ميڊيا تي واضح موقف ڏيندي نجم سيٺي چيو تھ ايشيا ڪپ لاءِ ڀارت کي پاڪستان ۾ کيڏڻ جي آڇ سميت ھائبرڊ ماڊل بھ پيش ڪيو پر بي سي سي آءِ جو ضد آھي تھ ھو نھ مڃيندا، انکانسواءِ ھن سريلنڪا ۽ بنگلاديش بھ شامل ڪري ورتو آھي.
نجم سيٺي چيو تھ ايشيا ڪپ لاءِ جيڪو ھائبرڊ ماڊل ھوندو اھو ئي ورلڊڪپ لاءِ بھ ھوندو ڇو تھ سندن حڪومت کين ڀارت ۾ کيڏڻ جي اجازت نھ ڏئي رھي آھي، جھڙي طرح ڀارتي ٽيم کي پاڪستان ۾ سڪيورٽي جا مسئلا آھن اھڙي طرح پاڪستان کي انڊيا ۾ آھن.
ھن وڌيڪ چيو تھ جيڪڏھن ايشيا ڪپ لاءِ ڀارت ھائبرڊ ماڊل تي راضي ٿئي ٿو تھ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان پنھنجون ميچز بنگلاديش يا بي سي سي ۽ آءِ سي سي جٿي سمجھن اتي ھو کيڏڻ لاءِ تيار ھوندا پر ڀارت ۾ کيڏڻ مشڪل آھي.
نجم سيٺي جي بيان تي ڀارتي ميڊيا ۽ بي سي سي آءِ تپي باھھ ٿي ويا، رپورٽس ھلايون ويو تھ آءِ سي سي گرين شرٽس تي ورلڊڪپ ڀارت ۾ نھ کيڏڻ تي پابندي بھ لاڳو ڪري سگھي ٿي.
اسپورٽس .