انٽرنيٽ جي بندش: ٽيلي ڪام سيڪٽر کي اربين رپين جو نقصان
ملڪ ۾ پرتشدد مظاھرن سبب ٽن ڏينھن اندر ٽيلي ڪام سيڪٽر کي 2ارب 46ڪروڙ رپين جو نقصان پھتو آھي.
ٽيلي ڪام انڊسٽري ذريعن موجب حڪومت کي موبائل براڊ بينڊ سروس مان روزانو ساڍا 22ڪروڙ رپيا ٽيڪس روينيو ملندو آھي ۽ ٽن ڏينھن جي بندش سبب حڪومت کي تقريبن 86 ڪروڙ جي ٽيڪس روينيو جو نقصان پھتو آھي.
آل پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ ايسوسيئيشن موجب آءِ ٽي سيڪٽر جو ھڪ ڏينھن ۾ ڪاروبار 12ملين ڊالر آھي ۽ ٽن ڏينھن ۾ آءِ ٽي سيڪٽر کي 10 ارب رپين جو نقصان پھتو آھي.