انٽرپول جي مدد سان چار پاڪستاني يو اي اي مان گرفتار ڪيا ويا آھن.
ايف آءِ اي 4گھربل جوابدارن کي انٽرپول جي مدد سان متحدھ عرب امارات مان گرفتار ڪري ورتو آھي.
ايف آءِ اي موجب قتل جي ڪيسن ۾ گھربل 4جوابدارن کي انٽرپول جي ذريعي يو اي اي مان گرفتار ڪيو ويو.
ترجمان موجب گرفتار جوابدارن ۾ صوفي احمد يار، منصور احمد، محمد انصر ۽ ساجد اللھ شامل آھن جيڪي پنجاب ۽ ڪي پي پوليس کي گھربل ھئا.
ترجمان جو چوڻ آھي تھ جوابدار صوفي احمد يار گجرانوالا، منصور احمد نارووال، محمد انصر گجرات ۽ ساجد اللھ پشاور پوليس کي گھربل ھئا، لاڳاپيل ضلعي پوليس جي درخواست تي اين سي بي انٽرپول پاڪستان ريڊ نوٽيس جاري ڪيا ھئا.
ايف آءِ اي اميگريشن لاھور جوابدارن بابت پوليس حوالي ڪيو، جوابدارن جي حوالگي انٽرپول پاڪستان جي انٽرپول يو اي اي سان گڏ ويجھي رابطھ ڪاري سبب ممڪن ٿي.