آذربائيجان ۽ آرمينيا جي فوج ۾ سرحد تي ھڪ ڀيرو ٻيھر چڪريون شروع ٿي ويون آھن، ٻنھي ملڪن طرفان گولا باري ڪئي پئي وڃي.
پرڏيھي خابرو اداري موجب آرمينيا آذر بائيجان تي ڊرون حملي جو الزام لڳايو آھي جنھن ۾ 2 اھلڪار زخمي بھ ٿيا، جڏھن تھ جوابي ڪارروائي ۾ مخالف فوج جا بھ اھلڪار زخمي ٿيا.
گذريل ڏينھن آذربائيجان بھ آرمينيا تي سرحد جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳائيندي چيو ھو تھ سرحدي چڪرين ۾ آذربائيجان جو ھڪ فوجي مارجي ويو ۽ 4زخمي ٿي پيا.
آرمينيا جي وزيراعظم نڪول پشينيان ۽ آذر بائيجان جي صدر الھام عليوف آچر تي برسلز ۾ يورپي يونين ڪونسل جي صدر چارلس مشيل جي اڳواڻي ۾ امن ڳالھين ۾ شرڪت ڪرڻي ھئي پر ھاڻي ڳالھيون ٿيندي نظر نھ پيون اچن.
واضح رھي تھ آذر بائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ تڪرار علائقي نگورنو ڪاراباخ جي ملڪيت جي لاءِ ڪيترن ئي ڏھاڪن کان جاري آھي ۽ ٻنھي ملڪن وچ ۾ ٻھ ڀيرا جنگ بھ ٿي چڪي آھي جنھن ۾ ٻنھي ملڪن جو وڏي پئماني تي جاني نقصان بھ ٿيو ھو.
روس جي ٽياڪڙي ۾ 10 نومبر 2020ع تي آرمينيا جي فوج آذربائيجان جي فوج آڏو ھٿيار رکي ڇڏيا، ڪجھھ مھينا جاري رھندڙ جنگ ۾ 5سئو کان وڌيڪ ماڻھو مارجي ويا ۽ 6ھزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا ھئا.
عالمي سطح تي نگورنو ڪاراباخ آذر بائيجان جو علائقو مڃيو ويندو آھي پر اتي اڪثريتي طور آرمينيائي ماڻھو آباد آھن جيڪي ھڪ آزاد ۽ خودمختيار علائقي جي لاءِ جدوجھد ڪري رھيا آھن جنھن کي روس جي حمايت بھ حاصل آھي..