افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش دوري جي لاءِ ڀارت سان گڏ سيريز کيڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي.
افغانستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ جون ۾ 2ٽيسٽ، 3ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيرز ٿيڻي ھئي، بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين آپريشنز جلال يونس موجب افغانستان ڀارت سان گڏ سيريز سبب پھريون ھڪ ٽيسٽ ميچ ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي ۽ ھاڻي ھڪ ٽي ٽوئنٽي ميچ بھ ختم ڪري ڇڏي آھي.
جلال يونس جي موجب افغانستان جي فيصلي بعد ھاڻي بنگلاديش ۽ افغانستان جي وچ ۾ 2 ٽي ٽوئنٽي، ھڪ ٽيسٽ ۽ 3 ون ڊي ميچون کيڏيون وينديون.
جلال يونس جو چوڻ آھي تھ افغانستان جي ٽيم ھڪ ٽيسٽ کيڏڻ بعد ڀارت ويندي ۽ ڀارت سان گڏ سيريز بعد افغان ٽيم ٻيھر رھيل ميچن لاءِ بنگلاديش ايندي.
ھن چيو تھ افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ سان رابطي ۾ آھيون، جلد وينيوز فائنل ڪيا ويندا.