پاڪ فوج ملڪ ۾ مارشل لا جو امڪان رد ڪري ڇڏيو، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف جو چوڻ آهي ته آرمي چيف ۽ فوجي قيادت جمهوريت تي يقين رکي ٿي، ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فوج ۾ ڪنهن به استعيفيٰ ناهي ڏني، اندروني ۽ ٻاهرين پروپيگنڊا باوجود فوج متحد آهي ۽ رهندي.
هن چيو ته آرمي چيف سميت سموري فوجي قيادت جو جمهوريت تي يقين آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان ملڪ ۾ مارشل لا جي افواهن کي رد ڪندي چيو ته ملڪ ۾ مارشل لا جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.